ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ شيخ زيد گرينڊ مسج?? جو دورو ڪيو ۽ مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ ??اران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ شيخ زيد گرينڊ مسج?? جو دورو ڪيو ۽ مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو، مرحوم شيخ زيد جي دانشمنداڻي قيادت دنيا جي مختلف قومن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ڪلچر کي سگهه ڏني. نگران وزيراعظم چيو ته مرحوم شيخ زيد جا پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان انتهائي ويجها لاڳاپا هئا. نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته شيخ زيد مسج?? جو عظيم پيغ??م گڏيل بقاءَ، ڀائيچاري ۽ ٻين ثقافتن جي لاءِ وڏي د?? جي تصور کي اجاگر ڪري ٿو، اهو پيغ??م گڏيل عرب امارات جي باني جي شاندار ميراث کان متاثر آهي. نگران وزيراعظم کي اسلامي ثقافت جي حقيقي جوهر کي اجاگر ڪرڻ ۾ مسجد جي اهم ڪردار بابت ٻڌايو ويو. شيخ زيد گرينڊ مسجد جديد اسلامي فن تعمير جو هڪ شاهڪار نمونو آهي جنهن ۾ 40000 کان وڌيڪ نمازين جي ويهڻ جي گنجائش آهي. شيخ زيد مسجد گڏيل عرب امارات جي سڀ کان وڏي ۽ دنيا جي ٽئين وڏي مسجد آهي. مسجد جي د??ري د??ران پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستا?? جو سفير فيصل نياز ترمزي پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هئا.