اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي متفقه طور تي دوست ملڪن سان رابطي جي لاءِ مختلف قدمن جي منظوري ڏيندي انهن قدمن تحت تصور ڪيل مختلف منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي ??دا??ت ڪئي آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب دوست ملڪن سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ايپڪس ڪميٽي (ايس آءِ ايف سي) جو خصوصي اجلاس ٿيو. نگران وزير??عظ?? جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف، وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي تعاون جي موجوده سطح جو جائزو وٺندي متفقه طور تي دوست ملڪن سان رابطي جي لاءِ مختلف قدمن جي منظوري ڏيندي انهن قدمن تحت تصور ڪيل مختلف منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي ??دا??ت ڪئي. نگران وزير??عظ?? تعاون جي ممڪن شعبن جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل وزارتن جي ڪوششن کي ساراهيندي سمورن حصيدارن کي ڊگهي مدي واري اقتصادي منافعو حاصل ڪرڻ جي ??دا??ت ڪئي. آرمي چيف پاڪستان حڪومت جي معاشي قدمن جي حمايت جي لاءِ پاڪ فوج جي اڻٿڪ عزم جو يقين ڏياريو.