اسلام آباد- 02 نومبر (اي پي پي) ناڻي، مح??ولن ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته ??ڏيل قومن جي هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ??رڻ لاءِ عا??مي برادري طرفان جامع قدمن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر گڏيل قومن جي اداري يو اين سي ٽي اي ڊي جي انتظام هيٺ جنيوا ۾ منعقد ڪانفرنس کي پنهنجي ورچوئل خطاب ۾ چئي. ڪانفرنس جو موضوع ڊولپمينٽ فنانس فار 2030ع ايجنڊا: ماحولياتي طور تي محفوظ صنعتڪاري هو. پنهنجي اهم خطاب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ??رڻ لاءِ پاڪستان هڪ ڀرپور ۽ پرجوش منصوبو جوڙيو آهي جنهن تحت ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي اخراج ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي ويندي. هن چيو ته ماحولياتي لحاظ کان موزون صنعتڪاري لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان رهنما اصول به جاري ڪيا آهن. هن اسرندڙ ملڪن ۾ قرضن بابت مشڪلاتن جي خاتمي ۽ هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ??رڻ لاءِ جامع عا??مي ڪوششن جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو.