اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه ڪوريا ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي ملڪن جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جمهوريه ڪوريا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ??سي ٿو. جمهوريه ڪوريا جي سفارتخاني پاران پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪ??ريا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي من??قد تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته جمهوريه ڪوريا پنهنجي دورانديش ۽ پرعزم قيادت جي ڪري اقتصادي ۽ صنعتي شعبن ۾ ترقي جا هدف حاصل ڪيا. هن چيو ته پاڪستان ڏکڻ ڪ??ريا کي اقتصادي ۽ فني ترقي جي ڳولا ۾ هڪ قابل قدر اتحادي طور ??سي ٿو. تقريب ۾ سنڌ جي گور??ر ڪامران ٽيسوري، پرڏيهي سفارتڪارن سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا جي 40 سالا سفارتي لاڳاپن جي من??سبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.