روالپنڊي-06 آڪٽوبر(اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاص?? منير چيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ٻيا سر??ار?? کاتا غير قانوني سرگرمين خلاف ڪاررواين کي پوري طاقت سان جاري رکندا ته جيئن وسيلن جي چوري ۽ انهن سرگرمين سبب ملڪ کي ٿيندڙ معاشي نقصانن کي روڪي سگهجي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف ڪراچيءَ جو دؤرو ۽ نگران و??ي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سان صوبائي ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اپيڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس دوران نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان، سنڌ جي ڪچي علائقي ۾ آپريشن، سي پي اي سي/نان سي پي اي سي/پرائيويٽ پراجيڪٽس تي ڪم ڪندڙ پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي، غير قانوني پرڏيهين جي وطن واپسي، غير ملڪي ڪرنسيءَ کي ريگولرائز ڪرڻ جي قدمن، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان، سنڌ ۾ ايس آءِ ايف سي جي قدمن تي اڳڀرائي ۽ گرين سنڌ جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف ??ار??خي قدمن جي فائدي لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورتن تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه کي ورجايو ته رياستي ادارا، سر??ار?? کاتا ۽ عوام صوبي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ل??ءِ متحد آهن. ان کان اڳ آرمي چيف جي آمد تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي سندس استقبال ڪيو.