اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته قومي نصاب ڪائونسل جي مسودي تي سمورن صوبن ??و اتفاق آهي، اٺين جماعت تائين نئون نصاب لاڳو ٿيندو، اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي بدلڻو پوندو. قومي نصاب ڪائونسل سيڪريٽريٽ جي دؤري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چ??و ته سڄي ملڪ ۾ هڪ نصاب پڙهائڻ جي حوالي سان جائزو ورتو پيو وڃي. هن چ??و ته تعليم کانسواءِ ترقيءَ جو ڪو رستو ناهي، 80 سيڪڙو ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، پر اسڪولن جي حالت بهتر نه ٿي سگهي آهي. هن چ??و ته اسلام آباد جي ڪيترن ئي اسڪولن جو اوچتو دؤرو ڪيو آهي. سرڪاري اسڪولن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگردن جي مسئلن کي حل ڪنداسين. هن چ??و ته ايڇ اي سي طرفان پي ايڇ ڊي جي ڊگرين جي جاري ڪرڻ تي ڪوبه چيڪ بئلنس ناهي. هن چ??و ته ملڪ ۾ تعليم جو نظام خراب آهي، ان کي بدلڻ جي ضرورت آهي.