اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? ڪئناڊا جي سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ دنيا تي زور ڏنو آهي ته اها ڪئناڊا جي سرزمين تي ڀارت جي رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ قتل جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سک اڳواڻ جي قتل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چي?? ته ڀارت جي اندر ۽ ٻاهر اقليتي گروهن جي قيادت تي ظلم ڪرڻ ۽ ا??هن کي ختم ڪرڻ ڀارت جي پاليسي رهي آهي. صدر وڌيڪ چي?? ته سک اڳواڻ جي بي رحماڻي قتل ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو جيڪو اقليتي گروهن جي خلاف عدم برداشت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن چي?? ته ڀارت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي مسلمانن ۽ ٻين اقليتي برادرين جي خلاف دهشتگردي جاري رکي آهي. هن افسوس جو اظهار ڪي?? ته غيرقانوني والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن ۽ ا??ليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ ا??هن جي عبادتگاهن کي مسمار ڪرڻ تي دنيا جي خاموشي ۽ بي عملي ڀارت کي غيرملڪي سرزمين ۾ اهڙي قسم جون ڪارروايون ڪرڻ جو حوصلو ڏنو. هن چي?? ته اهو هڪ کليل راز آهي ته ڀارت پاڙيسري ملڪن جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ڪرڻ، فالس فليگ آپريشنز، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين جي لاءِ عسڪريت پسندن کي تربيت، فنڊنگ ۽ مدد فراهم ڪري خطي ۾ مشڪلاتن ۽ عدم استحڪام جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي پر افسوس جو دنيا خاموشي اختيار ڪري رکي آهي.