اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گلگت بل??ستان جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن سان غيررسمي ڳالهه ٻ??لهه دوران انهن جو ٽيلينٽ ۽ محنت ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ گلگت بل??ستان ۾ مصروف ڏينهن گذاريو، گلگت پهچڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين يادگار شهداءِ تي حاضري ڀري، گلگت بل??ستان جي گورنر ??يد مهدي شاهه ۽ وڏي وزير گلبر خان سان م??اق??ت ٿي، وڏي وزير گلگت بل??ستان جي عوام پاران روايتي چادر ۽ ٽوپي جو تحفو ڏنو. هن چيو ته گلگت بل??ستان جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن سان غيررسمي ڳالهه ٻ??لهه دوران انهن جو ٽيلينٽ ۽ محنت ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن سان م??اق??ت ۾ گلگت بل??ستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت اڳڀرائي کان آگاهي ٿي.