اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان محمد اجمل گوندل مالي سال 2023 – 2022ع جي رپورٽ پيش ڪ??ي ڇڏي. ان موقعي تي صدر آڊٽ عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته آڊٽ عمل ۾ بهتري سان ملڪ ۾ بهتر گورننس، شفافيت ۽ احتساب جي فروغ ۾ مد?? ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ايوان صدر ۾ صدر کي مالي سال 2023 – 2022ع جي رپورٽ پيش ڪ??ي. ان موقعي تي صدر ملڪ ۾ مالي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ ۾ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي اداري جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آڊيٽر جنرل ملڪ ۾ آڊٽ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته آڊيٽر جنرل اداري کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ هدفن جو تعين ڪيو وڃي. آڊيٽر جنرل حڪومت کي بهتر گورننس جي فروغ ۾ ڀرپو?? مدد فراهم ڪري. صدر چيو ته بهتر اندروني ڪنٽرول، ٽيڪنالا??ي، آٽوميشن ۽ عالمي معيار موجب آڊٽ جي طريقن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.