اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) چين جي ميڊيا جي وفد سي پيڪ منصوبن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد جو دورو ڪيو، هي تقريب سي پيڪ منصوبن خاص طور تي گرين لائين ٽرين جي 10 سالا تقريبن جي سلسلي ۾ منعقد ڪئي وئي. وفد ٽرين ۾ استعمال ٿيندڙ جديد چيني ٽيڪنالاجي ۽ مهارت کي ساراهيو. ان ??وقعي تي پاڪستان ريلوي پاران ??رينن ۾ چين پاران ??راهم ڪيل جديد ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ??فد کي بريفنگ ڏني وئي. پاڪستان ريلوي پاران ??فد کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ٽرين ۾ ايئرڪنڊيشنڊ (اي سي)، بزنس ڪلاس جون ٻه بوگيون، پارلر جي هڪ ڪوچ، ٻه اي سي اسٽينڊرڊ ۽ اڪانومي ڪلاس جون ٻه بوگيون شامل آ??ن. هن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وڌيڪ ماڻهو گرين لائين ٽرين جي بهتر معيار جي ڪري ان تي لاهور ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سفر کي ترجيح ڏين ٿا، ٽرين جي وقت تي سختي سان ??ابندي ڪئي پئي وڃي.
ريلوي عملدارن پاران ??ڌايو ويو ته ريلوي واري وفاقي وزير پاڪستان ريلوي کي گرين لائين ٽرين جي سفر جي و??ت کي 23 ڪلاڪن کان گهٽ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي جنهن سان ??سافرن جو پاڪستان ريلوي تي اعتماد بحال ٿيندو. چيني ميڊيا جي وفد کي ٻڌايو ويو ته گرين لائين ٽرين ۾ بهترين سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اعليٰ معيار جي کاڌي جي فراهمي ۽ ٽڪيٽ جي قيمت کي مناسب سطح تي رکڻ شامل آ??ي. ان کانسواءِ اي سي پارلر جي هر سيٽ تي هڪ جدا ايل سي ڊي هنئي ويندي ته جيئن مسافر هيڊ فون جي ذريعي پنهنجي پسنديده وڊيوز ۽ پروگرامن مان ??طف اندوز ٿي سگهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽرين نان اسٽاپ آهي جيڪا ڪراچي ۽ لاهور جي وچ ?? رڳو خانيوال، بهاولپور، حيدرآباد ئي رڪي ٿي. هي ٽرين 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ??لڻ جي صلاحيت رکي ??ي، راولپنڊي کان ??اهور پهچڻ کانپوءِ ان ۾ وڌيڪ 9 ڪوچز جو اضافو ڪيو وڃي ٿو جنهن کانپوءِ اها ٽرين 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ??لي ٿي. وفد گرين لائين ٽرين جي ڪارڪردگي ۽ ان ۾ مسافرن جي لاءِ فراهم ڪيل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ پاڪستان ريلوي پاران ??ارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ريلوي اسٽيشن تي چيني ميڊيا جي وفد جو استقبال ڪيو. ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ پاڪستان ريلوي انعام الله وفد جو استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ريلوي پاران ??ادگاري شيلڊز پيش ڪيون ويون. هن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تحت پاڪستان ريلوي جي مستقبل جي منصوبن کان ??ڻ وفد کي آگاهه ڪيو.