ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪاروباري برادري جو اهم ڪردار آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل سا?? ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرئين سيڙپڪاري ٿيندي، ڪراچي جي واپاري برادري کي سهولتون ڏيڻ ۽ انهن جي مسئلن جو حل ح??وم?? جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر طارق يوسف ۽ چيف ايگزيڪيوٽو زبير موتي والا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيرن سيد نويد قمر، سيد امين الحق، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، مملڪتي وزير مصدق ملڪ، خاص معاونين طارق باجوه، طارق پاشا، جهانزيب خان، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي واپاري برادري کي سهولت ۽ انهن جي مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل ح??وم?? جي اولين ترجيح آهي، ملڪي معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪاروباري برادري جو اهم ڪردار آهي، ڪراچي ۾ بجلي ۽ گئس جي منصفاڻي ورڇ جي لاءِ توهان جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته ح??وم?? ملڪ ۾ مثبت ڪاروباري ماحول قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن، ح??وم?? 10 هزار ميگاواٽ شمسي بجلي جو منصوبو ٺاهيو آهي جنهن ۾ ٻاهريان سيڙپڪار گهري دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) سا?? ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرئين سيڙپڪاري ٿيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جا عملدار واپاري برادري سا?? تعاون سا?? انهن جا مسئلا حل ڪن. هن چيو ته ح??وم?? ڪراچي جي واپارين کي هڪ قيمت تي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائيندي. ان موقعي تي ٽ??يڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ واپاري برادري جي اڳواڻ زبير موتي والا واپاري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون ۽ وزيراعظم جي واپاري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو.