اسلام آبا?? -26 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينه جي ??قتصادي رابطا ڪميٽي گذريل مالي سال دوران رمضان المبارڪ ۾ وزيراعظم پاران مفت اٽو اسڪيم تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي مفت اٽي جي فراهمي لاءِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي ??دارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوا واري وفاقي وزير مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، وزيراعظم جي معيشت ۽ توانائي بابت رابطاڪار بلال اظهر ڪياني، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين س??نئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان گذريل مالي سال دوران وزيراعظم جي مفت اٽو اسڪيم تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي مستحق شهرين کي مفت اٽو فراهم ڪرڻ جي ??والي سان س??ري پيش ڪئي وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي ان مقصد لاءِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان اسڪيم جي ??روعات 18 مارچ 2023ع تي ڪئي وئي ۽ اها اسڪيم 16 اپريل 2023ع تائين جاري رهي.