اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته عالمي جونيئر اسڪوائش چيمپيئن حمزه خان جهڙا باصلاحيت نوجوان اسان جي قو?? جو فخر ۽ سرمايو آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي جونيئر اسڪوائش چيمپئن حمزه خان سان ڳالهائيندي ڪ??و، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ حمزه خان جو والد نياز الله خان ۽ ان جي والده کانسواءِ بين الصوبائي رابطن وارو وزير احسان الله مزاري، خصوصي معاون شزه فاطمه خواجه، بين الصوبائي رابطن وارو سيڪريٽري حنيف اورڪزئي ۽ سينيئر وائيس پريزيڊنٽ اسڪوائش فيڊريشن ايئر وائيس مارشل ڪاظم حماد به موجود هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف حمزه خان کي حڪومت پاران حوصلا افزائي جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جو انعامي چيڪ به ڏنو. حمزه خان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن جي تعاون کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم حمزه خان جي والدين سان پشتو ۾ ڳالهه ٻولهه به ڪئي. حمزه خان وزيراعظم کي حمزه جي حوصلا افزائي تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم حمزه خان کي تازو ئي آسٽريليا ۾ عالمي جونيئر چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته توهان جهڙا باصلاحيت نوجوان اسان جي قو?? جو فخر ۽ قومي سرمايو آه??. پاڪستان کي ڏهاڪن کانپوءِ اسڪوائش جو ايترو وڏو ٽائيٽل کٽڻ تي مون سميت سڄي قو?? جو ڪنڌ فخر سان بلند ٿيو. اسڪوائش هڪ بهترين راند آه??، ماضي ۾ به اسڪوائش کيڏندو رهيو آه??ان، اميد آه?? ته توهان جلد ئي پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ سان اسڪوائش جو سينيئر عالمي ٽائيٽل به کٽيندا. وزيراعظم چيو ته توهان پاڪستان جي ٻين نوجوانن ۽ رانديگرن جي لاءِ رول ماڊل آه??و، منهنجي سدائين اها خواهش رهي آه?? ته نوجوانن کي راندين جي عالمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، تازو ئي اسان سڄي پاڪستان ۾ راندين کي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي لاءِ قومي اسپورٽس قدم جاري ڪ??ا. پاڪستان ۾ پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جو قيام ۽ هن ملڪ جي لکين باصلاحيت نوجوانن کي عالمي مقابلن جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ مالي ۽ فني سهولتون به ان پروگرا?? جو حصو آه??.