اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف سانوڻي جي موسم جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم ٻوٽو هڻي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، سي ڊي اي چيئر??ين نورالا??ين مينگل ۽ راولپنڊي، اسلام آباد سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم کي وڻڪاري مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بهار موسم جي وڻڪاري مهم دوران اسلام آباد ۾ ساڍي 9 لک ٻوٽا هڻڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو جنهن کي پورو ڪيو ويو. سانوڻي جي موسم جي وڻڪاري مهم دوران اسلام آباد ۾ مجموعي طور تي 5 لک ٻوٽا هنيا ويندا جن مان سوا لک ٻوٽا اڳ ۾ ئي لڳايا ويا آهن. سي ڊي اي چيئر??ين نورالا??ين مينگل ٻڌايو ته جنگلي شهتوت جي جڳهه وفاقي گ??دي واري شهر ۾ نم، شيشم سميت ٻيا ماحول دوست ٻوٽا هنيا ويندا. هن ٻڌايو ته اسان سول سوسائٽي کي پڻ وڻڪاري مهم ۾ شامل ڪيو آهي ۽ وڻڪاري مهم دوران گهٽ ۾ گهٽ 8 فوٽ جا ٻوٽا هنيا ويندا ۽ انهن جي سارسنڀال کي پڻ يقيني بڻايو ويندو.