اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه سختي سان چئي آهي ته اظهار جي آزادي ۽ احتجاج کي خودغرضاڻي بهانن سان مذهب، قابل احترام مذهبي شخصيتن، مقدس صحيفن ۽ علامتن جي توهين کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي، اسلامي دنيا جي اجتماعي آواز طو?? تي او آءِ سي کي ان معاملي تي ٺوس ۽ جامع حڪمت عملي تيا?? ڪرڻ گهرجي ۽ اهو مسئلو گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل ۽ گڏيل قومن جي ٻين لاڳاپيل فورمز ۽ ادارن آڏو اٿارڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري ج??رل حسين ابراهيم طحيٰ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. قرآن پاڪ جي سرعا?? بي حرمتي ڪرڻ جي بي بار پيش ايندڙ واقعن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪستان پاران ان ڄاڻي واڻي ۽ اشتعال انگيز ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي، جنهن سان سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن. هن زور ڏيندي چيو ته اظهار جي آزادي ۽ احتجاج کي خودغرضاڻي بهانن سان مذهب، قابل احترام مذهبي شخصيتن، مقدس صحيفن ۽ علامتن جي توهين کي معاف نه ٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم اسلامو فوبيا جي انهن رجحانن ۽ واقعن بابت مسلمان امت جي خدشن ۽ مطالبن کي بيان ڪرڻ ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري ج??رل جي ڪردار کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسلامي دنيا جي اجتماعي آواز طو?? تي او آءِ سي کي هڪ ٺوس ۽ جامع حڪمت عملي تيا?? ڪرڻ گهرجي، جنهن جو مقصد پنهنجي موقف بابت عالمي سطح تي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ مسلم دشمني ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي خلاف قانوني ۽ سياسي مزاحمت پيدا ڪرڻ آهي. ان معاملي تي جنيوا ۾ قائم انساني حقن واري ڪائونسل ۾ فوري بحث منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪندي وزيراعظم وڌيڪ زور ڏنو ته او آءِ سي کي اهو مسئلو گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل ۽ گڏيل قومن جي ٻين لاڳاپيل فورمز ۽ ادارن آڏو اٿارڻ گهرجي. او آءِ سي جي سيڪريٽري ج??رل قرآن پاڪ جي سرعا?? بي حرمتي جي ڪڌي واقعن تي پاڪستان جي مذمت ۽ ڳڻتي جي حمايت ڪئي. هن اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي پڪي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري ج??رل ان معاملي تي خاص طو?? تي او آءِ سي جي ڳالهين ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو.