اسلام آباد-13 جون (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-23ع جي وفاقي بجيٽ تي ٻئي ڏينهن به ??حث جاري رهيو. ان دوران ميمبرن مشڪل معاشي صورتحال ۽ چئلينجن باجود بجٽ کي متوازن قرار ڏنو. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پيشن ۾ معمولي اضافو ڪيو ويو آهي، حڪومتي قدمن سان مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي جي اميد آهي، مشڪل حالتن کانپوءِ بهتريءَ جي اميد آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي وفاقي بجيٽ تي بحث وٺندي قومي اسيمبلي ۾ ??اڻ?? وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته مهمند، داسو ۽ ڀاشا ڊيمن جي ت??مير کي قومي ت??جيح بڻايو وڃي ته اسان وٽ ايتري دولت اچي ويندي جو ٻئي طرف نِهارڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، اسان پنهنجا وسيلا استعمال ڪ??ڻا پوندا، زراعت تي ڌيان ڏنو وڃي ته هتي ڪوبه ??ُکيو نه مرندو، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ انتهائي سٺو قدم آهي، غريب جي غربت دُور ڪرڻ سان ئي معيشت ۾ بهتري ايندي، دعا آهي ته ملڪ ۾ چونڊون مقرر وقت تي ٿين، هتي حقيقي جمهوريت هوندي ته ملڪ تي ڪو خطرو نه رهندو. جماعت اسلامي جي پارلياماني ليڊر مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته جيستائين آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 38 ايف مطابق ملڪ کي وياج جي لعنت کان پاڪ نه ڪبو تيستائين ملڪ ترقي نٿو رڪي سگهي، مالاڪنڊ ڊويزن ۽ ضم ٿيل ضلعن ۾ ٽيڪسن جي ڇوٽ جي مدت 2033ع تائين جي توسيع ڪئي وڃي. هن چيو ته نئين مالي سال جي 14 ٽريلين جا وفاقي بجيٽ ۾ 7 ٽريلين وياج جي ادائگيءَ تي خرچ ٿيندا، عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ سٺو سنوڻ آهي پر اهو ايڊهاڪ الائونس آهي، پينشنرن جي پينشن ۾ 17.5 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو گهٽ آهي. ريڊيو پاڪستان جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جو مسئلو حل ڪيو وڃي ۽ هاڻ پي ٽي وي جي ملازمن کي پينشن جي سهولت ڏني وڃي. متحده مجلس عمل جي مولانا محمد انور بجيٽ تي بحث ڪندي چيو ته گذريل سال ايندڙ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحاليءَ جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. نور الحسن تنوير بحث ۾ حصو وٺندي ڏُکين ۽ نامناسب حالتن ۾ هڪ سٺو بجيٽ پيش ڪرڻ جي ت??ريف ڪئي ۽ چيو ته مخالفن کي تنقيد لاءِ ڪوبه ??واز ناهي ملي رهيو، جڏهن ته پارليامينٽ ميمبرن جيڪي ت??ويزون ڏنيون آهن انهن کي حڪومت نظر ۾ رکندي قدم کڻندي. هن تجويز ڏني ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ٻارن جي ت??ليم لاءِ سهولتن ۾ اضافو ڪيو وڃي. مهيش ڪمار چيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو هڪ سٺو قدم آهي. هن چيو ته 9 مئي هڪ ڪارو ڏينهن هو، فوجي ٺڪاڻن ۽ شهيدن جي يادگارن کي نقصان پهچايو ويو، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ٿر ڪول مان پيدا ٿيندڙ 2600 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ وڃي رهي آهي، ٿر جي علائقي ۾ ڪيترائي ڳوٺ اهڙا آهن جتي اڃا تائين بجلي ناهي، ٿر لاءِ ترقياتي منصوبن لاءِ رقم مختص ڪئي وڃي. شاهده رحماني چيو ته هن ملڪ جي آئين سان مذاق ڪيو ويو، اسان جي پارٽي ڊگها جيل ڪ??ٽيا آهن، پر اسان جو ورڪر پنهنجي پارٽيءَ سان گڏ بيٺل رهيو. جيڪي اڊيالا جيل ۾ 2 ڏينهن ناهن گذاريا انهن کي ٻُڌائيندا هلون ته فريال ??ال??ر کي عيد رات گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن ته ان استقامت جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اسان جي حڪومت کي هڪ سال ۾ ڪيترائي ڀيرا احتجاج جو مُنهن ڏسڻو پيو. بدترين ٻوڏ جو مُنهن ڏسڻو پيو، ميڊيا ورڪرن لاءِ ان بجيٽ ۾ هيلٿ انشورنس ڏني وئي آهي جيڪو سٺو سنوڻ آهي.