اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آه?? ته هڪ فاشسٽ ۽ نام نهاد سياسي پارٽي کي هر ڪنهن جي ريڊ لائين عبور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو، پيپلزپارٽي مسلسل ٽن نسلن تائين قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون، جانين جا نذرانا پيش ڪيا پر آئين ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکي، اڃان به آئين ۽ جمهوريت جي دفاع لاءِ هر قسم جي قرباني ڏينداسين. قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد عالمي ڪنوينشن جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اها منهنجي لاءِ ??عز??ز جي ڳالهه آه?? ته آئين بابت عالمي ڪنوينشن کي مخاطب اهيان، اسان پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائي رهيا آه??ون، آئون دوست ملڪن مان ايندڙ نمائندن کي ڀليڪار ۽ انهن جا ٿورا مڃان ٿو، اسان جا دوست سوچي رهيا هوندا ته ان ملڪ ۾ آيا آه??ون جتي آئين کي بار بار پائمال ڪيو ويو، ان صورتحال ۾ ڇو اسان گولڊن جوبلي ملهائي رهيا آه??ون جيڪي مشڪلاتون اسان ڏٺيون آه?? اسان آگاهه ڪرڻ چاهيون ٿا اسان ڪيترن مسئلن مان گذري سرخرو ٿياسين، اسان بار بار مارشل لاء ۽ ڊڪٽيٽر ڏٺا، اسان اڳ ۾ جنرل ضياءَ ۽ پوءِ مشرف کي منهن ڏنو، پاڪستان جي جرئتمند عوام انهن آمرن جو بهادري سان مق??بلو ڪيو، پاڪستان ۾ اها جدوجهد پاڪستان جي آئين جي ڪري ٿي ۽ ان جو سڄو ڪريڊٽ عوام ڏانهن آه??. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پاڪستان جي اقتصاديات، پاڪستان ۾ جمهوريت جي لاءِ مُخالف ڌر ۾ ويهي فيصلو ڪيو، اسان ڏٺو ته ڪيئن اڳوڻي دور ۾ اسان جي عورتن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، اسان ٽن نسلن کان جمهوريت جي لاءِ ويڙهه وڙهي پر اسان قانون هٿ ۾ نه کنيو، ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ٿي ته جيالن پاڻ کي ته باهه لڳائي پر ملڪ کي باهه نه لڳائي، منهنجي ماءُ جڏهن شهيد ٿي ته اسان پنهنجي ليڊر سان گڏ هڪ ماءُ کي وڃايو، محترمه جي سهادت جي وقت ڪارڪن تمام سخت ۽ ڪاوڙ ۾ هئا پر ڪنهن کي انتقام وٺڻ نه ڏنو. هن چيو ته اسان واضح ڪري ڇڏيو ته جمهوريت سڀني کان بهترين انتقام آه??، جڏهن اسان جا ڪارڪن ڪاوڙ ۾ هئا ۽ تڪراري نعرا هنيا ويا ته منهنجي والده جي لاش کي دفنائڻ کان اڳ منهنجي والد پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، اسان تمام گهڻا بدترين مثال ڏٺا، مشڪل حالتون ڏٺيون پر ڪڏهن پاڪستان جي آئين کي نه ٽوڙيو، اسان تمام گهڻي ڏک ۾ هئاسين پر ان جي باوجود اسان امن سان پيار جو پيغام ڏنو، آئون نه رڳو پنهنجي مهمانن پر عوام سان به معذرتخواهه آه??ان ته تاريخ جي مشڪل ترين حالتن مان گذري رهيا آه??ون، هن وقت سياسي مشڪل صورتحال ۾ ڪجهه ماڻهو افراتفري پکيڙي رهيا آه??. پرڏيهي وزير چيو ته منهنجو ايمان آه?? ته اهي هر قسم جي ظلم جو مق??بلو ڪنداسين جيڪي دهشتگردي ۽ افراتفري طرف ??ڃن ٿا، ملڪ کي ظلم ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ملڪ ۾ قانون موجود آه??، هڪ اڳوڻي وزيراعظم نه رڳو قانون کي هٿ ۾ کنيو پر هن آئين کي ٽوڙيو. بي اعتمادي رٿ جي ڏينهن ڊپٽي اسپيڪر هن ايوان ۾ آئين ٽوڙيو. پرڏيهي وزير چيو ته سياسي انتقام جي شائبه جي ڪري آئين ٽوڙيندڙن جي خلاف گهيرو تنگ نه ڪيو ويو، اسان مزاحمت ڪري سگهياسين پئي پر سياسي انتقام جي الزام جي ڪري اسان ڪا ڪارروائي نه ڪئي، اسان ان وقت به ڪو ايڪشن نه کنيو جڏهن لاهور کي تحريڪ انصاف جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ تباهي پسند پارٽي پاڪستان جي خلاف هٿيار کڻي ڇڏيا آه??، اهي ريڊ لائين ڪراس ڪري رهيا آه??. جهڙي طرح عوام آمرن جو مق??بلو ڪيو اهڙي طرح ان جبر ۽ ڏاڍ جو شڪار شخص جو به مق??بلو ڪندي. مون کي اميد آه?? اسان جلد ان مشڪل صورتحال مان نڪري اينداسين.