اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) ٻن ڏي??هن وارو فليگ شپ اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ (اڄ) اربع ڏي??هن پاڪ چين فرينڊشپ سينٽر ۾ شروع ٿيندو جنهن ۾ ملڪ کي درپيش اهم چئلينجن ۽ موقعن تي بحث ٿيند??. ٽ??ين اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ جو موضوع ”تڪرار کان اڳتي؟ منسقم دنيا ۾ عالمي ايجنڊا جي نئين سر ترتيب“ آهي. اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ مقامي ۽ علائقائي سطح تي ڪجهه اهم تر??ن مسئلن تي تنقيدي سوچ ۽ مضبوط فڪري گ??تگو لاءِ هڪ پليٽ فارم طور اڀريو آهي. هائبرڊ ايونٽ جي ٽئين ايڊيشن ۾ عالمي مفڪرن ۽ اسڪالرز، تعليمي ماهرن، پاليسي ساز، مشهور عالمي ميڊيا پرسنز، وفاقي ڪابينا جا ميمبر، سفارتي ڪور، اڳوڻا سرڪاري آفيسر، قانوني ماهر، ٿنڪ ٽينڪس جا نمائندا ۽ سول سوسائٽي جا ميبمر شرڪت ڪندا. ان پروگرام ۾ 7 ويهڪون ٿينديون، جنهن ۾ ”ڪمانڊرز فورم: جنگ جي بدلجندڙ نوعيت“، غير يقيني جي دور ۾ تعاون سميت ٻ??ن موضوعن تي غور ڪيو ويندو.