اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف استاد، ڊراما نگار، مزاح نگار، دانشور، شاعر ۽ فيض احمد فيض جي ناٺيءَ شعيب هاشمي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم منيزه هاشمي، سليمه هاشمي ۽ ٻين گهرڀاتين سان شعيب هاشمي جي لاڏاڻي تي همدرديءَ جو اظهار ڪيو آه??. و??يراعظم چيو ته شعيب هاشمي پي ٽي وي جي سنهري دور ۾ ڪردار ادا ??يو. هن طنز ۽ مزاح جي پروگرام ۾ نئين جدت متعارف ڪرائي. شعيب هاشمي يادگار ۽ ناقابل فراموش ڊراما لکيا. وزيراعظم چيو ته ان جي قلم سان روشن قدرن، روايتن ۽ نظرين کي فروغ مليو. هن جهڙو قلم نگار ۽ دانشور معاشري کي تهذيب، سليقو ۽ ادب سيکاريو. ان جو لاڏاڻو معاشري، فن ۽ ادب جو وڏو نقصان آه??. و??يراعظم الله تعاليٰ کان مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئ??.