اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري صحافي مسعود الله خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيت?? بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسعود الله خان جي لاڏاڻي جو ??ڌي تمام گهڻو افسوس ٿيو. مرحوم صحافت جي آزادي جي جدوجهد جو ??يرو هو. هن چيو ته مسعود الله خان انهن صحافين ۾ شامل هو جن جمهوريت جي لاءِ سخت مصيبتون برداشت ڪيون. سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ م??ام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.