اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ملايشيا، پرتگال، ڪوسوو، ليٿوانيا ۽ ايڪواڊور جي نامزد سفيرن سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان پاڪستان ۾ ملائيشيا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳ??لهائيندي صدر چي?? ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا آهن، پاڪستان ملائيشيا سان معيشت، واپار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چي?? ته ملائيشيا ۽ آسيان جي منڊين ۾ پاڪستاني شين تائين پهچ ملائيشيا جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، ٻطرفو واپار وڌائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. صدر مختلف معاملن تي عالمي فورمز تي پاڪستان جي مسلسل حمايت تي ملائيشيا جا ٿورا مڃيا. صدر سان پاڪستان ۾ پرتگال جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چي?? ته پاڪستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ واپار، زراعت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، پاڪستان 22 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي جي وڏي منڊي آهي، پرتگالي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا. صدر چي?? ته واپاري وفدن کي تعاون جي شعبن جي ڳولا لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان جي لاءِ ڪوسوو جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳ??لهائيندي صدر چي?? ته پاڪستان ڪوسوو سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، ڪوسوو سان اقتصادي لاڳاپن جي توسيع پاڪستان جي اهم ترجيح آهي، پاڪستان اڀرندڙ منڊي آهي، سيڙپڪاري جا بي شمار موقعا موجود آهن. صدر چي?? ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ اهم قدم هوندو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان جي لاءِ ليٿوانيا جي نامزد سفير پڻ ملاقات ڪئي. صدر چي?? ته پاڪستان ۽ ليٿوانيا جي وچ ۾ واپار ۽ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ ليٿوانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿو. صدر پاڪستان جي لاءِ ايڪواڊور جي نامزد سفير ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳ??لهائيندي صدر چي?? ته پاڪستان ايڪواڊور سان سياسي، اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، صدر ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ اداراجاتي فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.