ڪراچي – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪ??اچي ۾ پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين خالد رضا جي ق??ل جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته خالد رضا جي بي رحماڻي ق??ل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پوليس ۽ لاڳاپيل عملدار خالد رضا جي ق??ل جي مختلف رخن سان ج??چ ڪن، يقيني بڻايو وڃي ته خالد رضا جي ق??تلن کي فوري طور تي ق??نون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. هن سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪ??ائي.