اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف ۽ ملڪ جي مستقبل پنهنجي نوجوانن کي ”يوٿ پروگرام“ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي ??بارڪباد ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت سال 2023ع کي نوجوانن جو سال قرار ڏنو ??هي، ملڪ کي درپيش معاشي مشڪلاتن جي باوجود به نوجوانن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، انهي لاءِ يوٿ پروگرام ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي. ”يوٿ وين“ جي موقعي تي ??وجوانن جي لاءِ پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو ته 2011ع ۾ پنجاب مان جنهن پروگرام جي شروعات ڪئي هئي، 2013ع ۾ ان وقت جي وزيراعظ?? محمد نواز شريف ان پروگرام کي سڄي ملڪ ۾ پهچائي ڇڏيو، اهو انقلابي پروگرام نوجوانن جي ترقي ۾ سنگ ميل ثابت ٿي رهيو آهي، انهن جي تعليم، هنرمندي، صحت ۽ روزگار ??ان ئي پاڪستان ۾ ترقي ٿيندي. وزيراعظم ان موقعي تي اهو اعلان ڪيو ته وفاقي حڪومت 2023ع کي نوجوانن جو سال قرار ڏنو ??هي جنهن ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون، محنتي ۽ هوشيار ٻارن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا، ٻين اسڪيمن ذريعي نوجوانن جي حوصلا افزائي جاري رهندي. هن چيو ته اسان جي ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ??ڌل آهي، انهي ويزن تحت اسان يوٿ پروگرام شروع ڪيو هو، پنجاب ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ ٺاهيو ويو هو، ليپ ٽاپ اسڪيم شروع ڪئي وئي هئي، نوجوانن کابنيا وياج ۽ آسان شرطن تي ??رض فراهم ڪيا ويا، وسيلن کان محروم ذهين شاگردن کي وظيفا ڏنا، ٻاهرئين ملڪ تعليم جا موقعا فراهم ڪيا، اڄ اهي قوم جا قابل فرزند ۽ ڌيئرون مختلف شعبن ۾ ڪاميابين جي نئين بلندين تائين پهچي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته هو اهڙي وقت تي ??لڪ جي وزارت عظميٰ جي عهدي تي ??ائز ٿيو جڏهن ملڪ کي شديد معاشي بحران درپيش هو، ٻوڏ مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو پر انهن سمورين مشڪلاتن ۾ به نوجوانن کي اسان نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون ??و ته اهي اسان جي ملڪ جو مستقبل آهن، انهي لاءِ يوٿ پروگرام ٻيهر شروع ڪيو ويو، وسيلن ۽ ان جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويو ۽ زراعت سميت ٻيا شعبا ان پروگرام ۾ شامل ڪيا ويا، بنا وياج ۽ آسان شرطن تي ??وجوانن کي وسيلا ڏيڻ جي ٻيهر شروعات ڪئي وئي ته جيئن نوجوان روزگار ??ي ذريعي پنهنجي خاندان جو سهارو بڻجن ۽ انهن جو بار گهٽ ڪري سگهجي، ملڪ جي ترقي ۾ عملي ڪردار ??دا ڪن.