اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪشمير مسئلي جو پائيدار حل اڻٽر آهي، هٿين خالي ڪشميرين خلاف طاقت جو استعمال نه ته انه?? جي آزادي جي تحريڪ کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي پا??ستا?? جي اصولي موقف کي بدلائي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار ??نن ڪشمير سان ايڪتا جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ڌار ڌار ??يغامن ۾ ڪيو. راجا پرويز اشرف چيو ته ڀارت جو غير قانوني طور تي وا??ار??ل ڄمون ڪشمير جي معصوم ڪشميرين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ خطي جي امن لاءِ وڏو خطرو آهي، هن چيو ته ڀارت جي هٿ ٺوڪي جمهوري حڪومت طرفان آئي?? جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي خاتمي ڪشميري عوام کي انه?? جي سڃاڻپ ۽ آزادي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو عالمي سطح تي ڪشميرين سان ڪيل واعد?? جي کليل ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته ڄاڻايل آرٽيڪل جو خاتمو حڪومت جي بي رحماڻي ۽ تعصباڻي پاليسي?? جي عڪاسي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پا??ستان ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد جي اصولي موقف جي حمايت ڪندو رهندو ۽ پا??ستان سمورن علائقائي ۽ عالمي فورمن تي ڪشميري?? جي خودمختياري واري جدوجهد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو ته پا??ستان وا??ار??ل وادي ۾ ڪشميري عوام جي خود اراديت واري تحريڪ جي ڀرپور حمايت جاري رکندو ۽ هر فورم تي ڀارتي فوج طرفان ڪشمري?? جي خودمختياري واري حق جي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪندو.