اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ج??رل ساحر شمشاد مرزا ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ج??رل عاصم منير کي نشان ا??تياز (ملٽري) سان نوازيو آهي. ان حوالي سان خصوصي ت??ري?? ايوان صدر ۾ ٿي. وزيراعظم شهباز شريف به ت??ري?? ۾ شريڪ ٿيو. ??ن موقعي تي سينيٽ جو چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، وفاقي وزير، پارليامينٽ جا ميمبر، سينيئر فوجي ۽ سول آفيسر ۽ سفارتڪار به موجود هئا. صدر عارف علوي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف کي ملڪ جي لاءِ ان جي شاندار خدمتن تي نشان ا??تياز (ملٽري) عطا ڪيو. ج??رل شمشاد مرزا 1987ع ۾ انفنٽري بٽالين ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان گريجوئيشن ڪئي، هن گرين فيلڊ يونيورسٽي برطانيا مان ا??م ايس سي (گلوبل سيڪيورٽي) ڪورس ۾ به شرڪت ڪئي. پنهنجي شاندار فوجي ڪيريئر دوران ج??رل ساحر شمشاد مرزا مختلف ڪمانڊ، اسٽاف ۽ انسٽرڪشنل اسائنمينٽس تي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان جي اهم اسٽاف مقررين ۾ ٻه انفنٽري برگيئرز جي برگيڊ ميجر، پاڪستان ڪنٽينجينٽ، گڏيل قومن جي مشن، سير اليون ۾ ج??رل اسٽاف آفيسر گريڊ ون (پلانز)، ڊا??ريڪٽر ملٽري آپريشنز ۽ ڊا??ريڪٽر ج??رل ملٽري آپريشنز، وائيس چيف آف ج??رل اسٽاف، ايڊجوائنٽنڊ ج??رل ۽ ج??رل هيڊڪوارٽر ۾ چيف آف ج??رل اسٽاف شامل آهن. اهڙي طرح ج??رل سيد عاصم منير احمد شاهه اپريل 1986ع ۾ 23 فرنٽيئر فورس ريجمنٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي هئي ۽ هن 17 هين ا?? ٽي ايس ڪورس جي اعزازي تلوار حاصل ڪئي، هو فوجي اسڪول جاپان، ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا، ملائيشن آرمڊ فورس ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوالالمپور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان گريجوئيٽ آهي. هن پبلڪ پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ سيڪيورٽي مئنيجمينٽ ۾ ايم فل جي ڊگري به هاصل ڪئي. پنهنجي شاندار فوجي ڪيريئر دوران ج??رل عاصم منير مختلف ڪمانڊ، اسٽاف ۽ انسٽرڪشنل اسائنمينٽس تي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان جي نمايان اسٽاف مقررين ۾ انفينٽري برگيڊ جي برگيڊ ميجر، چيف آف ج??رل اسٽاف سيڪريٽريٽ ۾ ج??رل اسٽاف آفيسر گريڊ ٻه، ڊا??ريڪٽنگ اسٽاف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ چيف آف اسٽاف آف اسٽرائيڪ ڪور شامل آهن. ج??رل عاصم منير 23 فرنٽيئر فورس ريجمنٽ انفينٽري برگيڊ، فورس ڪمانڊ ناردرن ا??رياز ۽ 30 ڪور جي ڪمانڊ ڪئي آهي. هو سعودي عرب ۾ پاڪستان جي تربيتي دستي جي قيادت به ڪري چڪو آهي. هن کي ڊا??ريڪٽر ج??رل ملٽري انٽيليجنس ۽ ڊا??ريڪٽر ج??رل انٽر سروسز انٽيليجنس جي حيثيت سان پاڪستان جي ٻنهي اهم انٽيليجنس ايجنسين جي سربراهي جو منفرد اعزاز به حاصل آهي. چيف آف آرمي اسٽاف جي ترقي ۽ مقرري کان اڳ هو پاڪستان آرمي جي ڪوارٽر ماسٽر ج??رل هو، ج??رل عاصم منير کي ج??رل جي عهدي تي ترقي ڏئي 29 نومبر 2022ع تي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويو.