اسلام آباد- 21 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي گهروارن جي ٽيڪس معلومات جي غير قانوني ۽ غي?? ضروري ليڪ ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس وٺندي خاص مددگار طارق محمود پاشا کي ايف بي آر ڊيٽا جي خلاف ورزي جي فوري جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ناڻي واري وفاقي و??ير ان سلسلي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ناڻي واري وفاقي و??ير اسحاق ڊار، آرمي چيف جي گهروارن جي ٽيڪس معلومات جي غير قانوني ۽ غي?? ضروري ليڪ ٿيڻ جو سخت نوٽيس ??رت?? آهي. هن چيو ته اهو واضح طور تي ٽيڪس جي معلومات جي مڪمل رازداري جي خلاف ورزي آهي جيڪو قانون فراهم ڪندو آهي. ڪجهه غير ذميوارن طرفان ان سنگين ڪوتاهي کي نظر ۾ رکندي ناڻي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق محمود پاشا کي هدايت ڪئي آهي ته هو ذ??تي طور تي ٽيڪس قانون ۽ ايف بي آر جي ڊيٽا جي خلاف ورزي جي فوري جاچ جي قيادت ڪري ۽ ذميوارن جو تعين ڪندي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪري.