اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊيلي ميل ڏيڍ سال بهانا بڻائي ڪيس کي دير جو شڪار ڪيو، اسان پنهنجي ڪيس کي ب??ان ڪرڻ جو ڪيس (ميننگ هيئرنگ) کٽي چڪا آهيون، انهن درخواستن تي ڪيس جي لاڳت ادا ڪئي پئي وڃي. پنهنجي هڪ ب??ان ۾ هن چيو ته ڊيلي ميل جي شهباز شريف تي هنيل الزامن جي ٻڌڻي جي لاءِ جج ايندڙ مهيني 13 ڊسمبر جي تاريخ مقرر ڪئي آهي، انهن الزامن تي تفصيلي جواب 13 ڊسمبر 2022?? تائين جمع ڪر??ئڻو آهي. شهباز شريف پاران ڪيس ۾ مختصر جواب اڳ ۾ ئي جمع ڪر??يو ويو آهي. هتڪ عزت جي ڪيس جو ٽرائل ڊسمبر 2023ع ۾ ٿيندو. ڊيلي ميل عدالت ۾ پنهنجي الزامن کي اڃا تائين ثابت ناهي ڪري سگهيو، هاڻي ان کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.