آستانه – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جو قازقستان جو ڪاميا?? دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ ناڻي ??ار?? وزير پرولان زامائو بايوف نور سلطان بازيف ايئرپورٽ آستانه تي وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم 2 ڏينهن جي دوري دوران سيڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس کي اهم خطاب ڪيو جڏهن ته دوري جي موقعي تي وزيراعظم فلسطين جي صدر محمود عباس، تاجڪستان جي صدر امام ع??ي رحمان، بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو، قازقستان جي صدر قاسم زومارٽ توڪايوف، ويٽنام جي نائب صدر، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سميت ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.