اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري ۽ سعودي ع??ب جي پ??ڏيهي وزير فيصل بن فرحان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ۽ سعودي ع??ب جي پ??ڏيهي وزير جي وچ ۾ ٻ??رفن ڀائراڻن لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، سعودي عرب پاران پاڪستان ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪ??ري جي خاطري ڪرائي وئي آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري پنهنجي سعودي هم منصب جا ٿورا مڃيا ۽ کيس پاڪستان ۾ غيرمعمولي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير بدترين ٻوڏ صورتحال جي حوالي سان يڪجهتي جي اظهار تي سعودي ع??ب جا ٿورا مڃيا. هن سعودي عرب پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لا??ِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي خاطري کي پڻ ساراهيو.