مظفر ڳڙهه – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ضعي هيڊڪوارٽر مظفر ڳڙهه ۾ ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو و??و ۽ والاريل ڪشمير جي عوام سان ي??جه??ي جو اظهار ڪيو و??و. ڊپٽي ڪم??نر آفيس جي ٻاهران 9 وڳي سائرن وڄايا ويا ۽ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ڊپٽي ڪم??نر علي عنان قمر جي قيادت ۾ ڊي سي آفيس کان ضلعي ڪائونسل تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪم??نر ريونيو محمد شاهه رخ، اسسٽنٽ ڪم??نر مظفر ڳڙهه جميل حيدر شاهه، سي اي او تعليم مسعود نديم، ريسڪيو 1122 مان اسامه، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محمد اڪرم تڪير، مولانا عبدالمعبود آزاد، واپاري تنظيم مان امير حسن، شيخ عامر سليم، راڻا محمد افضل، ابو هريره، سماجي عورت ڪارڪن ڪلثوم سيال سميت ضلعي کاتي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن، وڪيلن، سول سوسائٽي جي نمائندن، صحافين، استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.