گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوادر ۾ ايسٽ بي ايڪسپريس وي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته گوادر سي واٽر ڊي سيلينيشن پراجيڪٽ سميت مختلف منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، دفاع وارو ??فا??ي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي ۽ ترقي وارو ??فا??ي وزير احسن اقبال، منشيات جي خاتمي وارو ??فا??ي وزير شاهه زين بگٽي، مواصلات وارو ??فا??ي وزير اسعد محمود، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جو ناظم الامور پانگ چن زي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم گوادر ايسٽ بي ايڪسپريس وي منصوبي جو افتتاح ڪيو. جن منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو انهن ۾ چائنا ايڊ پاران پاڪستان ۾ گوادر سي واٽر ڊي سيلينيشن پراجيڪٽ، جنگٽال گوادر پرائيويٽ لميٽيڊ، هينگ مي ليبريڪينٽس پلانٽ، هين گينگ ايگريڪلچرل انڊسٽريل پارڪ، هوافا گوادر ايڪسپو سينٽر، 3000 هائوس هولڊ سولر پينل گوادر فرٽيلائيزر پلانٽ شامل آهن.