اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 25 ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ سان مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جي پنجاب ۾ حڪومت تي ڪو اثر نه ٿو پوي، وڏو وزير حمزه شهباز ئي آ??ي، عمران صاحب جي لاءِ اڄ خوشي ملهائڻ جو نه ماتم ڪرڻ جو ڏينهن آ??ي، عمران صاحب کي ماتم ڪرڻ گهرجي ڇ?? ته سندس پارٽي جا 25 ميمبر کيس ڇڏي ويا، عمران صاحب جي اٽو، کنڊ، گيهه، دوا چوري، مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي جي خلاف سندس ميمبر کيس ڇڏي ويا، اهي عمران صاحب جي لاءِ 25 چماٽون آهن، 25 ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ سان عمران صاحب سياست مان ڊي سيٽ ٿي ويو آ??ي، مطالبو ڪريون ٿا ته جهڙي طرح اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن جي خلاف ڪيس جو فيصلو هڪ مهيني ۾ ڏنو، 8 سالن کان التوا هيٺ فارن فنڊنگ ڪيس جي ڊيگهه ڏسندي هڪ ڏينهن ۾ فيصلو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته چار سال اقتدار تي مڙهيل ٽولي عوام کي ڦريو، ملڪي معيشت جا ترا ڪڍي ڇڏيا، اقتدار ۾ رهي سياسي مخالفن ۽ ميڊيا جو آواز بند ڪيو ۽ پنهنجي نالائقي سان چوري جو بازار گرم ڪيو. هن چي?? ته اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب جي 25 ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ جي فيصلي جو پنجاب حڪومت تي ڪو اثر نه پوندو. هن چي?? ته عمران خان چار سالن تائين عوام سان رڳو ڪوڙ ڳالهايو ۽ انهن 25 ميمبرن عمران خان جي پاليسين کان انحراف ڪيو. هن چي?? ته هڪ هفتو اڳ عمران خان اليڪشن ڪميشن جي خلاف هو، اڄ ان فيصلي کانپوءِ هو اليڪشن ڪميشن کي سلام پيش ڪري رهيو آهي. هن چي?? ته آئين شڪني جي خلاف جڏهن رات جون عدالتون کليون ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ ججز ۽ عدالتن کي ڌمڪيون ڏنيون، انهن جي فيمليز کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پنهنجي پارٽي جي ٽوئيٽر هينڊلرز جي ذريعي انهن ججن جي خلاف منظم مهم هلائي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ان شخص جي ذهني ڪيفيت عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿي، اهي ماڻهو اقتدار سان چنبڙيل رهڻ چاهين ٿا، ڀلي اهو اقتدار عوام کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي ڏي. هن چي?? ته عمران خاان جي حڪم تي صدر، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، گورنر آئين شڪني ڪئي، ان آئين شڪني جي خلاف منحرف ميمبرن آواز اٿاريو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته 25 منحرف ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ کانپوءِ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جي پنجاب ۾ حڪومت تي ڪو اثر نه ٿو پوي، وڏو وزير حمزه شهباز ئي آهي. اڄ جي فيصلي کانپوءِ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جي ميمبرن جو پنجاب ۾ انگ 177 آهي ۽ پي ٽي آءِ جو 172 آ??ي، ڊي سيٽ ٿيندڙ پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن عوام جي ڦرجڻ، بجلي، گئس ۽ دوا چوري جي ڪري پنهنجي پارٽي سان اختلاف ڪيو، عمران خان جي پاليسين جي ڪري اهي پنهنجي تڪن ۾ نه وڃي سگهندا هئا. هن چي?? ته بي اعتمادي رٿ آئيني طريقو آ??ي، منحرف ميمبر ووٽ ڏيڻ جو حق رکن ٿا، ڊي سيٽ ٿيندڙ ميمبر نتيجي کان آگاهه هئا، ان جي باوجود انهن ان سياست سان اختلاف ڪيو جيڪا عوام کان اٽو کسي وٺي، عوام کي غربت جو شڪار ڪري، ملڪ ۾ افراتفري پکيڙي ۽ معيشت تباهه ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اڄ عمران خاان 25 ميمبرن کان محروم ٿيو آ??ي، سندس ميمبرن پاڪستان جي عوام جي خاطر ووٽ ڏنو، انهن ان فاشسٽ، غنده گردي ۽ عوام کي ڦريندڙ حڪومت جي خلاف ووٽ ڏنو، اهي ميمبر ان فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو حق رکن ٿا. هن چي?? ته ووٽ ڏيڻ جي حوالي سان پي ٽي آءِ پاران ڪا هدايت جاري نه ٿي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عمران خان پاڪستان جي عوام کي ڦريو، ريليف ڏيڻ بدران عوام کي بيروزگار ڪيو، ٻاهرئين ملڪ سازش جو ڍونگ رچايو، چار سال اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهي ڪارٽلز ۽ مافياز کي فائدو پهچايو، چار سال ان ٽولي پنجاب کي بدترين نقصان پهچايو، مسلم ليگ (ن) ۽ شهباز شريف پنجاب کي جيڪو جيڪو ريليف ڏنو هو، ان ٽولي عوام کي ان کان محروم ڪيو ۽ عوام جو معاشي قتل ڪيو. عثمان بوزدار جي صورت ۾ هڪ گونگو ۽ ٻوڙو وڏو وزير پنجاب تي مڙهيل هو جنهن جي مٿان فرح گوگي عمران خان جي بي نامي مڙهيل هئي جنهن پنجاب ۾ ڦرلٽ ڪئي، اهي سموريون حقيقتون پاڪستان جي عوام ڄاڻي ٿي. مريم اورنگزيب چي?? ته ڊي سيت ٿيندڙ ميمبرن عمران خان جي سياست کي ڊي سيٽ ڪيو آ??ي، اڄ جيڪي اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران شادمانا وڄائي رهيا آهن هي انهن جي لاءِ ماتم جو وقت آهي ڇ?? ته تحريڪ انصاف پنجاب ۾ 25 ماڻهن کان محروم ٿي آهي. هن چي?? ته ان فيصلي جو مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين تي ڪو اثر نه پوندو، مسلم ليگ (ن) عمران خان جي بدترين ۽ بدبودار احتساب ۽ ميڊيا ٽرائلز جي باوجود اڄ سرخرو آهي. انهن جو لڳايل ڪرپشن جو هڪ الزام به ثابت نه ٿيو. ان بدترين احتساب جي باوجود ڪنهن اهڙي شخص جو نالو وٺن جيڪو نواز شريف کي ڇڏي ويو هجي يا پارٽي سان اختلاف ڪيو هجي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته قومي اسيمبلي ۾ به عمران خان جي خلاف ان جي اتحادين آواز بلند ڪيو، بي اعتمادي رٿ ذريعي کيس پارليامينٽ مان کڻي ٻاهر اڇلايو ويو، پنجاب اسيمبلي مان به انهن کي بي اعتمادي رٿ ذريعي ٻاهر اڇلايو ويو، جنهن اسيمبلي ۾ به انهن جي خلاف بي اعتمادي رٿ ايندي، انهن کي کڻي ٻاهر اڇلايو ويندو. هن چي?? ته بي اعتمادي رٿ آئيني طريقو آ??ي، آئين ان جي اجازت ڏي ٿو، اهي سموريون شيون انهن جي خلاف آئين جي روح سان ٿيون، ڊي سيٽ ٿيندڙ ميمبرن ڏينهن ڏٺي عمران خان جي پاليسين جي خلاف ووٽ ڏنو، انهن ميمبرن عمران خان جي معاشي تباهي جي خلاف ووٽ ڏنو آهي. هن مطالبو ڪي?? ته جهڙي طرح اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن جي خلاف ڪيس جو فيصلو هڪ مهيني ۾ ڏنو آ??ي، 8 سالن کان التوا هيٺ فارن فنڊنگ ڪيس جي ڊيگهه کي ڏسندي هڪ ڏينهن ۾ فيصلو ڪري. هن چي?? ته چار سال تائين وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي مڙهيل شخص فارن فنڊنگ جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي، عمران خان فارن فنڊنگ ڊڪليئر نه ڪئي، فارن فنڊنگ ڪيس ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي؟ عمران خان جي ان فيصلي کي روڪڻ جي لاءِ عدالتن ۾ درخواستون ڪيُون ويون، اليڪشن ڪميشن ۾ فارن فنڊنگ ڪيس جي جڏهن به ٻڌڻي ٿي ته اليڪشن ڪميشن کي ڌمڪي ڏني وئي. عمران خان کان جڏهن فارن فنڊنگ جو سوالو ڪري?? ته چون ٿا ته ٻين پارٽين کان حساب وٺو، اسان 40 سالن جو حساب ڏنو آ??ي، عمران خان پنهنجي فارن فنڊنگ ۽ فرح گوگي جي ڦرلٽ جو حساب ڏي. هن چي?? ته پي ٽي آءِ پنهنجي ملازمن جي ذاتي اڪائونٽس ۾ پئسا گهرايا ۽ ڊڪليئر نه ڪيا، عمران خان جي مني لانڊرنگ بابت ثبوت اسٽيٽ بئنڪ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايا، اهو اسٽيٽ بئنڪ جو سرڪاري رڪارڊ آهي جيڪو عمران خان کي مني لانڊرر ۽ فارن فنڊنگ جو ڏوهاري قرار ڏئي چڪو آهي. هن چي?? ته فارن فنڊنگ جو فيصلو ايند?? ته تحريڪ انصاف جي پوري پارٽي ڪالعدم ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اڄ جيڪڏهن نااهلي ڪنهن جي بڻجي ٿي ته اها عمران خان جي بڻجي ٿي، مني لانڊرنگ، مهانگائي، عوام کي ڦرڻ، ڪارٽلز ۽ مافيا جا کيسا ڀرڻ تي نااهلي عمران خان جي بڻجي ٿي، اها نااهلي انهن 25 منحرف ميمبرن جي نظر ۾ ٿي چڪي آهي. هن چي?? ته جڏهن چونڊُون ٿينديُون ته پي ٽي آءِ کي ٽڪيٽ جي لاءِ ماڻهو نه ملندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته هن وقت پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ ان جي اتحادين جي اڪثريت آهي. اڄ تحريڪ انصاف 25 ميمبرن کان محروم ٿي آ??ي، انهن ميمبرن عمران خان جي پاليسين سان انحراف ڪندي کيس ڇڏيو آ??ي، اهي عمران خان جي منهن تي 25 چماٽ آهن. هن چي?? ته عمران خان انهن ميمبرن جي ڳالهه ڪڏهن نه ٻڌي، ان جو مقصد ڪارٽلز ۽ مافياز جا کيسا ڀرڻ هو. هن چي?? ته پي ٽي آءِ جي ڪرائي جا ترجمان هينئر کان ئي ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ٿي ويا آهن ته حڪومت ختم ٿي وئي آ??ي، حمزه شهباز وٽ 177 ووٽ موجود آهن جڏهن ته پي ٽي آءِ وٽ انهن ميمبرن جي وڃڻ کانپوءِ هاڻي 172 ووٽ آهن. هن چي?? ته عمران خان جي چار سالا ڪارڪردگي اها آهي ته هو پنهنجي ماڻهن کي به گڏ نه رکي سگهيو، ان جون پاليسيون عوام دشمن هيون، هن هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو ۽ 60 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ خط لهرائڻ سان سندس بيانيو دفن ٿي چڪو آهي. هن چي?? ته هي ماڻهو مريم نواز بابت ڳالهيون ڪري رهيا آهن، مريم نواز ڪنهن کان نه ٿي ڊڄي، مريم نواز کي ڪمزور نه سمجهو، هوءَ انهن کي جواب ڏيڻ ڄاڻي ٿي ۽ سرگوڌا ۾ انهن کي جواب ملي به ويو هوندو. هن چي?? ته اڄ اهو شخص وات کولي رهيو آهي جيڪو فرح گوگي کانسواءِ بي آر ٽي پشاور، مالم جبه، هيلي ڪاپٽر ڪيس، اٽو کنڊ ڪرپشن تي جواب نه ڏئي سگهيو، فرح گوگي تي ان لاءِ جواب ڏئي رهيو آهي ته اها ان جي بي نامي آهي. هن چي?? ته اٽو، کنڊ، بجلي، گئس ۽ دوا چوري، ملڪ کي تباهه ڪرڻ، آئين شڪني ۽ ميڊيا جو آواز دٻائڻ تي سندس ميمبرن انهن کان منحرف ٿيا. هڪ سوال تي هن چي?? ته رياست جا ٽي ٿنڀ آهن، انهن جون پنهنجون پنهنجون آئيني حدون مقرر آهن، ايگزيڪيوٽو جو ايڊمنسٽريٽر استحقاق موجود آ??ي، قابل آفيسرن جي مقرري وفاقي حڪومت جو اختيار ۽ استحقاق آهي. هن چي?? ته گذريل چار سالن ۾ ادارن کي سياسي مخالفن ۽ ميڊيا جي خلاف استعمال ڪيو ويو. راڻا ثناءُ الله جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج کي ان جي ڪري تبديل ڪيو وي?? ته شايد هو راڻا ثناءُ الله کي ضمانت ڏئي ڇڏيندو. هن چي?? ته شهزاد اڪبر ايسيٽ ريڪوري يونٽ جو هيڊ هو، هو نيب جي آفيس ۾ ويهي گرفتارين جا حڪم ڏيندو هو، هو انهن جيلن جي نگراني ڪندو جتي سياسي مخالفن کي سزا موت جي چڪين ۾ رکيل هو، هو اهو ڏسند?? ته شهباز شريف کي نماز جي لاءِ ڪرسيءَ ملي آهي يا نه. بشير ميمڻ پنهنجي انٽرويو ۾ چي?? ته مون کي عمران خان پنهنجي آفيس ۾ گهرائي دٻاءُ وڌ?? ته آئون انهن سمورن ماڻهن جي خلاف ڪيسز ٺاهيان، مون چي?? ته ڪيسز نه ٿا ٺهن ته مون کي فارغ ڪيو ويو. اهي سموريون شيون تاريخ ۽ رڪارڊ جو حصو آهن. هڪ سوال تي هن چي?? ته ڊي سيٽ ٿيندڙ ميمبرن کي حق حاصل آهي ته اهي پنهنجي خلاف فيصلي کي چئلينج ڪن. هن چي?? ته عمران خان کي 25 ميمبر ڇڏي ويا آهن، ان تي کيس خوشيون نه ماتم ڪرڻ گهرجي. اليڪشن جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته چونڊون ڪراڻ ۽ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو فيصلو اتحادين سان گڏجي ويهي ڪنداسين. عمران خان چونڊون ڪرائڻ جي حق نه ٿو رکي، وٽس ان وقت استحقاق هو جڏهن هو وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي مڙهيل هو، ان وقت اليڪشن ڪرائي ڇڏي ها، هاڻي ان وقت چونڊون ٿينديون جڏهن اتحادي ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ان جي تاريخ ڏيندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چي?? ته عمران خان ذهني مريض آ??ي، هو صبح جو هڪڙي ڳالهه ڪري ٿو ۽ شام جو ٻي ڳالهه ڪري ٿو، پاڪستان جي عوام ڄاڻي ٿي ته ڪنهن انهن کي ڦريو، ڪنهن عوام کان دوا ڦري، ڪنهن ڪوڙا واعدا ڪيا، ڪنهن پرڏيهي پاليسي ۽ ملڪي سلامتي کي نقصان پهچايو. هن چي?? ته عوام انهن سمورين شين کي نظر ۾ رکندي پنهنجو فيصلو ڪندي. هن چي?? ته پي ٽي آءِ چونڊن ۾ ٽڪيٽ جي لاءِ ماڻهو ڳولندي رهندي پر انهن کي ماڻهو نه ملندا. هڪ سوال تي هن چي?? ته فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڪرڻ اليڪشن ڪميسن جي ذميواري آ??ي، اسٽيٽ بئنڪ جو رڪارڊ موجود آ??ي، اليڪشن ڪميشن اهو رڪارڊ عوام کي فراهم ڪري ته پي ٽي آءِ جو وڪيل ڪيترا ڀيرا بيمار ٿيو، ڪيترا ڀيرا ٻاهرئين ملڪ ويو. هن چي?? ته پي ٽي آءِ وٽ مواد موجود نه آ??ي، انهن مني لانڊرنگ ڪئي آ??ي، انهن غيرملڪين کان پئسا ورتا ۽ ڊڪليئر نه ڪيا. هڪ سوال تي هن چي?? ته اڄ تائين انهن مسلم ليگ (ن) ۾ اختلاف نه ڏٺو، مسم ليگ (ن) هڪ پارٽي آهي جنهن جو قائد محمد نواز شريف آهي. هن چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي اتحادين سان گڏجي فيصلا ڪندو. هن چي?? ته بي اعتمادي رٿ جي ذريعي عمران خان کي پارليامينٽ کان ٻاهر ڪڍيو، ايندر عام چونڊن ۾ پاڪستان جي سياست ۾ انهن جو نالو وٺڻ وارو ڪير نه هوندو. هن چي?? ته عوام کي مهانگائي ۾ ڌڪڻ مسلم ليگ (ن) جي منشور جي خلاف آ??ي، مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادين جو فيصلو آهي ته گذريل حڪومت جي ڦرلٽ ۽ ڪرپشن جو بار پاڪستان جي عوام تي ڇو وڌو وڃي، پاڪستان جي عوام کي ان جي سزا ڇو ڏني وڃي، اها سزا ان شخص کي ڏيڻ گهرجي جنهن منفي سياست جي لاءِ ملڪي معيشت کي استعمال ڪيو، پنهنجي منصب کي استعمال ڪيو، پاڪستان جي عوام کي مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسيو، اها سزا پاڪستان جي عوام کي نه عمران خان کي ملڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪراچي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ ٽن ماڻهن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن چي?? ته نيشنل ايڪشن پلان کي نظرانداز ڪرڻ کانپوءِ اها صورتحال پيدا ٿي آهي. سمورين پارٽين گڏجي پارليامينٽ جي ذريعي نيشنل ايڪشن پلان ۽ سيڪيورٽي پاليسي جي منظوري ڏني هئي، عمران خان پنهنجي انا ۽ ضد جي خاطر نيشنل ايڪشن پلان کي نظرانداز ڪيو، هو صوبن سان ڳالهه ڪرڻ به مناسب نه سمجهندو هو. پاڻي، دهشتگردي يا معيشت جهڙن مسئلن تي هو صوبن سان ڳالهه نه ڪندو هو، ڪوويڊ دوران جڏهن صوبن جي ان??ر ميٽنگ ٿي ته هي اتان اٿي هليو ويو. اڄ ان طرزعمل جا اثر انهن واقعن جي شڪل ۾ اسان جي سامهون آهن. هن چي?? ته شهباز شريف کي انا، تڪبر ۽ ضد جو ڪو مسئلو نه آ??ي، هو سمورن صوبن جي وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽرين سان ڳالهه ڪري ٿو، هر ڏينهن انهن سان ميٽنگ ڪري ٿ?? ته جيئن ملڪ ۾ ڪنهن جڳهه تي مهانگائي نه ٿئي، دهشتگردي نه ٿئي، امن امان جي صورتحال خراب نه ٿئي، اهو ئي فرق وزيراعظم شهباز شريف ۽ عمران خان ۾ آهي. هڪ سوال تي هن چي?? ته جڏهن شهباز شريف مخالف ڌر اڳواڻ ه?? ته هن ميثاق معيشت جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن تي مٿس اين آر او جو الزام هنيو ويو، عمران خان اڄ تائين اين آر او جو الزام ثابت نه ڪري سگهيو. هن چي?? ته معيشت، پاڻي يا دهشتگردي جو مسئلو هجي، انهن سمورين شين تي شهباز شريف ڪنهن به قسم جي انا يا ضد نه ٿو رکي، کيس پنهنجي ذات کان وڌيڪ پاڪستان جي عوام ۽ انهن جي تڪليفن جو احساس آهي. اهو ئي فرق هڪ جمهوري وزيراعظم ۽ فاشسٽ وزيراعظم ۾ هوندو آهي.