اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر فوت ٿيندڙ ۽ ز??مي ٿيندڙن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن فوت ٿيندڙ شخص جي پوئينرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي، صدر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي.