اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ي يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلينسڪي ٽيليفون ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن يوڪرين جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم عمران خان يوڪرين ۾ ج??ري عسڪري تڪرار تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي فوري جنگ بندي ۽ ڳ??له??ن ۽ سفارتڪ??ري ذريعي حل جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم عمران خان يوڪرين ۾ ج??ري عسڪري تڪرار تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوري جنگ بندي ۽ ڳ??له??ن ۽ سفارتڪ??ري جي ذريعي تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته هو اسرندر ملڪن تي تڪرار جي منفي معاشي اثرن کي مسلسل اجاگر ڪري رهيا آهن ??يڪ?? تيل ۽ شين جي وڌندڙ قيمتن مان ظاهر ٿئي ٿو. وزيراعظم عمران خان عام شهرين جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان يوڪرين ۾ ماڻهن جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي سامان جي فراهمي لاءِ 2 سي – 130 جهاز روانا ڪيا. اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن و??ري ڪائونسل جي تازي اجلاس جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻڌايو ته اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن يوڪرين جي تڪرار جي ڪري سيڪيورٽي ۽ انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پرڏيهي وزيرن فوري طور تي جنگ بندي جي خاتمي تي زور ڏنو ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن پاران ڳ??له??ن و??ري عمل جي حمايت ۽ سهولت فراهم ڪرڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي. وزيراعظم ان ڳ??له?? تي زور ڏنو ته پاڪستان جهڙا غيرجانبدار ملڪ جنگبندي ۽ تڪرار جي سفارتي حل جي لاءِ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم عمران خان يوڪرين جي عملدارن پاران پاڪستاني شاگردن ۽ شهرين سان گڏوگڏ سفارتي عملي جي انخلا ۾ مدد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻين ملڪن پاران سفارتي حل جي سهولت جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي پڻ ساراهيو.