اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) مصر جو ??رڏيهي وزير سامح شڪري اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين سيشن ۾ شرڪت جي لاءِ آچر ڏينهن اسلام آباد پهچي ويو. سندس اچڻ تي وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خاص نمائندي علامه طاهر محمود اشرفي سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي علامه طاهر محمود اشرفي چيو ته پاڪست??ن ۽ مصر ڀائراڻا لاڳاپا رک?? ٿا. هن چيو ته مصر جو ??رڏيهي وزير 24 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ اسان سندس شاندار استقبال ڪريو?? ٿا. خصوصي نمائندي چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس ۾ مسلمان امت کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي مصر جي پرڏيهي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان مسلمان امت جي ترقي ۾ مدد ملندي.