اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سياست ڪمزور دل ماڻهن جو ڪم نه آهي، مخالف ڌر ڪبوترن وانگر پنڃري ۾ بند ٿي چڪي آهي اهي انهن جي سياست جا آخ??ي ڏينهن آهن، سنڌ هائوس ۾ جهڙي طرح خچرن ۽ گه??ڙن جي مينا بازار لڳي چڪي آهي اهو قابل مذمت آهي، مدرسي جي ٻارن سان لانگ مارچ ۽ جلسا ناهن ٿيندا، مارچ ۽ جلسا رضاڪاراڻا هوندا آهن جهڙي طرح جا جلسا عمران خان ڪندو آهي ن ??يگ جو اڳواڻ جاويد لطيف هارس ٽريڊنگ جو اعتراف ڪري چڪو اليڪشن ڪميشن کي (ن) جي نظر لڳي چڪي آهي ان کي صرف پي ٽي آءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ پريڊ چوڪ جي جلسي جي مشاورت جي ل??ءِ گهرايل اهم ترين اجلاس کانپوءِ وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن پاران اسلامو فوبيا جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان قرارداد پاڪستان ۽ وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن جو نتيجو آهي جنهن تي مسلمان امت ۽ پاڪستاني مسلمانن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ڊي چوڪ ۾ جلسي جي اعلان کانپوءِ مخالف ڌر جي صفن ۾ گه??رائٽ شروع ٿي وئي آهي، گذريل ڏينهن سڀ پروگرام ان تي ٿي ويا ته ڇو چيو ويو ته 10 لک ماڻهن جي ميڙ مان گذري وڃڻو آهي ۽ پوءِ واپس اچڻو آهي. هن چيو ته مخالف ڌر ايتري ڪمزور دل هئي ته اهو ڪم ئي نه ڪري ها، سياست ڪمزور دل ماڻهن جو ڪم نه آهي، وفاقي وزير چيو ته سنڌ هائوس ۾ جيڪو خچرن ۽ گه??ڙن جي مينا بازار لڳل آهي ۽ خريداري ل??ءِ بيگ ڀري آندا ويا آهن اهو قابل مذمت آهي، انشاءُ الله ان خريد ۽ وڪري جو ازالو به ڪنداسين ۽ ڪارروائي به. هن چيو ته اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته خچرن ۽ گه??ڙن سان گڏ حفاظت ل??ءِ ماڻهو به آندا ويا آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي چوڻ چاهيان ٿو ته جاويد لطيف گذريل ڏينهن اعتراف ڪري ورتو آهي ته اسان هارس ٽريڊنگ ڪري رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته لڳي ٿو ته اليڪشن ڪميشن کي ن ??يگ جي نظر لڳي وئي اهي کيس ن ??يگ نظر نٿي اچي ۽ هر طرف تحريڪ انصاف ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن چيو ته چوڌري پرويز الاهي جي بيان جي آجيان ڪريون ٿا ۽ جيڪي اسان جا اتحادي آهن انهن ۾ اسان جو اميدون آهن. چوڌري فواد حسين پريس ڪانفرنس دوران ڪبوترن جي پنڃري طرف اشارو ڪندي چيو ته مخالف ڌر ۽ انهن ڪبوترن ۾ هڪجهڙائي آهي جيڪي ڪبوترن وانگر بند ٿي چڪا آهن، مخالف ڌر جي سياست جا آخ??ي ڏينهن آهن انهن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، هن مخالف ڌر کي مشورو ڏنو ته مرد بڻجو ۽ عمران خان وانگر ڪو هڪ وڏو جلسو ئي ڪ??ي ڏيکاريو، مدرسي جي ٻارن سان لانگ مارچ ۽ جلسا ناهن ٿيندا. وفاقي وزير چيو ته آزاد پرڏيهي پاليسي جي ڪري پاڪستان کي شناخت ملي آهي، انشاءُ الله ان کي برقرار رکنداسين ۽ پاڪستان کي اڳتي وٺي وينداسين.