اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪئناڊ?? جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پاران اسلامو فوبي?? جي خاتمي لاءِ خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ جي آجيان ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته جسٽن ٽروڊو پاران اسلامو فوبي?? جي مذمت ۽ موجوده دور جي ان لعنت جي خاتمي لاءِ خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته جسٽن ٽروڊو جي ان وقت سر ترغيب ۾ ان دعوت جي گونج آهي جيڪا آئون هڪ عرصي کان دنيا کي ڏئ?? رهيو آهيان. وزيراعظم چيو ته اچو گڏجي ان آفت جي خاتمي جو بندوبست ڪريون.