اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ريگوليٽري اٿارٽين جي موثر ڪردار تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته مافياز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکي، لاڳاپيل شعبن ۾ خدمتن ۽ معيار کي بهتر بڻايو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جا??ي بيان موجب وزيراعظم عمران خان ريگوليٽري اٿارٽين جي سربراهن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ??وا?? جي حقن جي تحفظ ??اءِ ريگوليٽرز جو اهم ڪردار آهي. ريگوليٽرز موثر مانيٽرنگ، قانوني ۽ ريگوليٽري ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ??وا??ي مفادن جو تحفظ ??قيني بڻائين. وزيراعظم مافياز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکڻ لاءِ ريگوليٽري اٿارٽين جي موثر ڪردار جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سمورن ريگوليٽرز کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل شعبي ۾ شفافيت ۽ معياري خدمتن کي يقيني بڻائين. ريگوليٽري اٿارٽين جي سربراهن وزيراعظم کي خاطري ??رائي ته هو پنهنجي لاڳاپيل اٿارٽين جي صلاحيت ۾ اضافو ڪن ته جيئن شهرين کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.