اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان پاڪستان جي آئين تحت ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي، هڪ معاهدي تحت پاڪستان حڪومت ۽ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان مڪمل سيز فائر تي راضي ٿي چڪا آهن، ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت، ملڪي سلامتي، لاڳاپيل علا??قن جي امن، معاشرتي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکيو ويندو، افغان اٿارٽيز انهن ڳالهين ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ??يو آهي. اها ڳالهه هن تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان پهرين آڪٽوبر 2021ع تي پنهنجي انٽرويو ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان ڳالهين جو ذڪر ??يو هو، انهن ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي. هن چيو ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهيون آئين ۽ قانون تحت ٿي??ديون، ڪا به حڪومت پاڪستان جي آئين ۽ قانون کان ٻاهر ڳالهيون ??ري ئي نه ٿي سگهي. هن چيو ته انهن ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت، ملڪي سلامتي، لاڳاپيل علا??قن جي امن، معاشرتي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڳالهين ۾ انهن علا??قن جي متاثر ماڻهن کي قطعي طور تي نظرانداز نه ٿو ??ري سگهجي، انهن علا??قن جي ماڻهن کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي. هن چيو ته ڳالهين جي اڳڀرائي کي سامهون رکندي سيز فائر ۾ توسيع ٿي??دي ويندي، انهن ڳالهين ۾ افغانستان جي اٿارٽيز (عبوري حڪومت) سهولتڪار جو ڪردار ادا ??يو آهي. هن يچو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پاڪستان جا اهي علائقا هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ مڪل امن طرف وڌي رهيا آهن.