اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي فن لينڊ جي پنهنجي هم منصب پيڪاهاويسٽو سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي سي??سي مشاورت جو اڳيون اجلاس جلد منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن ?? گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پا??ست??ن فن لينڊ سان پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پا??ست??ن ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ سفار??ي رابطن جا 7 ڏهاڪا مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي وزير هاويسٽو کي مبارڪباد ڏني ۽ فن لينڊ سان سي??سي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ معاشي لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ ۽ تعليمي تعاون کي مضبوط ??ڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي سي??سي مشاورت جو اڳيون اجلاس جلد منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسلام آباد ۾ فن لينڊ جو سفارتخانو ٻيهر کولڻ سان اسان جا واپاري لاڳاپا مضبوط ٿيندا ۽ عوامي سطح ??ي رابطن ۾ اضافو ٿيندو، پا??ست??ن ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جو فروغ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پرڏيهي وزير فن لينڊ جي پرڏيهي وزير کي پا??ست??ن جي دوري جي دعوت ڏني ۽ ان کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پا??ست??ن جي موقف کان آگاهه ڪيو.