اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي دوستن کي ٽيڪنالاجي جي سمجهه ناهي ته اهي ڪنهن ماهر جون خدمتون حاصل ڪري وٺن، ڊجيٽل ميڊيا ونگ جي رپورٽ ۾ ڪنهن کي رياست مخالف ڊڪليئر ناهي ڪيو ويو، بدقسمتي سان پاڪستان جي اندر سياسي پارٽين کي پنهنجي پوليٽڪل ونگز ناهن هونديون جيڪي مختلف اشوز جو مطالعو ڪري پنهنجي ليڊرشپ کي اصل معاملو سمجهائي سگهن، را??ا ثناءُ الله، خرم دستگير شاهد خاقان عباسي جهڙا ٽيڪنالاجي کان اڻڄاڻ ماڻهن جي تبصري مان اهو ئي ظاهر ٿئي ٿ?? ته انهن وٽ ايتري معلومات ناهي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس کل جوڳي هئي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چي?? ته ڊجيٽل ميڊيا ونگ پنهنجي رپورٽ ۾ سوشل ميڊيا تي شروع ڪيل 150 ٽرينڊز جو ڊيٽا فراهم ڪيو آهي، ان ٽرينڊز تي 37 لک ٽوئيٽس ڪيون ويون ۽ سوشل ميڊيا بيانيو جوڙيو ويو، ان بياني ۾ هندستان ۽ افغانستان سميت ڪيترن ئي ٻين ملڪن جي ماڻهن حصو ورتو. هن چي?? ته هندستان بوٽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪري پاڪستان جي خلاف ٽوئيٽس ڪيا. چوڌري فواد حسين چي?? ته ان رپورٽ ۾ پاڪستان جي اندر رهندڙ ماڻهن جي باري ۾ ڪو به تبصرو ناهي ڪيو ويو. هن ٻڌاي?? ته هن وقت سينڪشن پاڪستان جو ٽرينڊ هلي رهيو آهي، هاڻي ان ٽرينڊ ۾ حصو وٺي ڪو ان جي مخالفت ڪري ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اهو رياست مخالف سرگرمي آهي. وفاقي وزير چي?? ته پي ٽي ايم جي ميڊيا ونگ ر??است مخالف سرگرمي جي طور تي رياست مخالف ٽرينڊز ۾ حصو ورتو، ان باري ۾ ڊيٽا رپورٽ شامل آهي، پاڪستان جي عوام ان جو تجزيو ڪري سگهي ٿي، هن چي?? ته اصل معاملو اهو آهي ته پاڪستان جي خلاف ٽوئيٽس ڪٿان کان ٿي رهيا آهن، هن چي?? ته پي ايم ايل اين جي دوستن کي ٽيڪنالاجي جي سمجهه ناهي ته اهي ڪنهن ماهر جون خدمتون حاصل ڪري وٺن جيڪي ان طرح جي رپورٽس جو تجزيو ڪري کين ٻڌائي سگهن ته رپورٽ اصل ۾ آهي ڇا، هن چي?? ته جنهن کي ڊجيٽل ميڊيا جي سمجهه ناهي، اهي اسان جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ سان رابطو ڪري سگهن ٿا، انهن جي رهنمائي لاءِ هڪ سيل جوڙيو ويو آهي جتي انهن کي سمجهايو ويند?? ته ڊجيٽل ميڊيا ڇا آهي.