اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ”احس??س ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام تحت غريب ماڻهن کي بهترين کاڌو فراهم ڪيو وڃي، ??روگرام جي دائري ڪار ۾ واڌ ڏيڻ جي موقعي تي و??يراعظم هدايت ڪئي ته غريب ماڻهن کي فراهم ڪيل کاڌي جي معيار جي حوالي سان شڪايت نه اچڻ گهرجي، ??زيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير عباس کوکر وزيراعظم کي پروگرام ۾ توسيع جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هنن ٻڌايو ته ” ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام تحت هن وقت 5 شهرن ۾ 12 ٽرڪن جي ذريعي مستحق ماڻهن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو ويندو آهي. وزيراعظم ملتان، ??وج??انوالا ۽ لاهور لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ٽرڪن جو به افتتاح ڪيو. جنهن کانپوءِ هاڻي 7 شهرن ۾ 16 ٽرڪن جي ذريعي کاڌو ورهايو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر کان 29 شهرن ۾ 40 ٽرڪن جي ذريعي پروگرام جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ روزاني 40 هزار ماڻهن ۽ ساليانو 14 لک 60 هزار ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو ويندو، ”احس??س ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن جي ذريعي مزدورن ۾ کاڌو مفت فراهم ڪيو ويندو آهي. هن وقت تائين پنج شهرن ۾ 8 لک 31 هزار کان وڌيڪ مزدورن کي کاڌو پهچايو ويو آهي، ??ن سال جي آغاز تي و??يراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو هو ته ڪير به بکيو نه سمهندو. احس??س ڪير بکيو نه سمهي قدم وزيراعظم جي انهي عزم کي عملي جامو پارائڻ جي ڪڙي آهي، سرندي و??رن ماڻهن ۽ فلاحي ادارن کي قدمن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ احس??س ڪير بکيو نه سمهي عطيات فنڊ به قائم آهي.