اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي بهاولپور پهچي ويو آهي. وزيرا??ظم بهاولپور ۾ ڏکڻ پنجاب جي قيادت سان ملاقات ڪندو. ا?? کانسواءِ وزيرا??ظم کي فعال ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ بهاولپور ڊويزن ۾ ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ??يندي. بعد ۾ وزيرا??ظم حڪومت جي زراعت تي خصوصي ڌيان جي ويزن جي تحت ٿيندڙ آبادگار ڪنوينشن ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندو. جتي نه رڳو ڏکڻ پنجاب ۾ پيداوار جي اضافي پر آبادگارن جي مدد جي منصوبن جو افتتاح ڪندو. وزيرا??ظم تقريب کي خطاب به ڪندو. وزيرا??ظم ملڪ ۾ وڏي پئماني تي جاري سانوڻي جي مند جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ لال سوهانره نيشنل پارڪ ۾ ٻوٽو لڳائيندو ۽ اتي ٻيلن جي تحفظ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو جائزو به وٺندو .