اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) آب??دگ??ر برداري وزيراعظم عمران خان جي موثر قدمن کي ساراهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب اسيمبلي مان شوگر فيڪٽريز ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2021ع منظور ٿيو ۽ صوبي ۾ ڪمند جي آب??دگ??رن کي 80 کان 90 ارب روپين جو سڌو سنئون فائدو ٿيو آهي، آب??دگ??رن جي نمائندن وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم جي قيادت کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيندي چيو ته ماضي ۾ ڪنهن حڪومت يا اڳواڻ آب??دگ??رن جي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪڏهن ايترو اونو نه ڪيو. 73 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت آب??دگ??رن جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وفاقي وزير سيد فخ?? امام، مملڪتي وزير فرخ حبيب، خا?? مددگار مسرت اقبال چيمه ۽ وزيراعظم جو خا?? مددگار ڊاڪٽر شهباز گل به موجود هئا. آب??دگ??رن جي نمائندن سان ڳالهائيندي وزيراعظم اقتصادي واڌ ۾ زرعي شعبي جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته زرعي شعبو ملڪي ترقي لاءِ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن آب??دگ??رن جي نمائندن کي خا??ري ڪرائي ته آب??دگ??رن جو استحصال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، منافع ۽ منافع خوري ۾ فرق هوندو آهي، حڪومت انهن کي ڳٺ جوڙ ۽ مافيا جي استحصال کان تحفظ فراهم ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ سماجي ۽ اقتصادي ترقي، زراعت ۽ صنعتي شعبن جي وسيع تر ترقي سان جڙيل آهي، تنهن هوندي به الله تعاليٰ جي قانون موجب جيڪا قوم قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي پيروي ناهي ڪندي اها اڳتي نٿي وڌي سگهي. وزيراعظم ان ڏس ۾ حضرت علي جي قول جو حوالو ڏنو ته ڪفر جي حڪومت قائم رهي سگهي ٿي ناانصافي جو نظام نٿو هلي سگهي. وزيراعظم، چيو ته هو ڪنهن لابي جو حصو نه آهي ۽ نه ئي ان جا پاڪستان ۾ڪي ڪاروباري مفاد آهن، الله تعاليٰ پاڪستان کي هر قسم جي نعمتن سان نوايو آهي، بدقسمتي سان ملڪ ناانصافي جي ڪري ترقي کان هٽي تنزلي جو طرف ويو آهي