پشاور – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته پاڪستان هڪ وڏي خواب جو نالو آ??ي پر بدقسمتي سان قيام پاڪستان کا?? وٺي اڄ تائين ڪنهن قوم کي اهو خواب سمجهائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي، هو پشاور جي علائقي ريگي للمه ۾ صنعتي ورڪرز لاءِ رهائشي منصوبي جي افتتاح کا??پوءِ ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي موجوده لهر فليٽ ٿي چڪي، احتياط جاري رکيو ته سياحت سميت سمورا شعبا کلي ويندا، حقيقي فلاحي رياست جي حوالي سان مديني جي رياست جي مثال اسان جي سامهون آهي ته ڪهڙي طرح رسول ﷺ مديني جي رياست کي سڄي دنيا لاءِ هڪ مثال بڻايو، هن چيو ته اهو ئي معاشرو هو جنهن جو خواب علامه اقبال ڏٺو ته ملڪ ۾ ق??نو?? سڀني لاءِ برابر هجي، انصاف تي ٻڌل معاشري قائم ٿئي ۽ ق??نو?? جي سامهون غريب ۽ امير ۾ ڪو فرق نه هجي، وزيراعظم چيو ته هو ملڪ کي 2 بنيادي اصولن تحت اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو، هڪ ق??نو?? جي بالادستي ۽ ٻيو ڪنهن کي اين آر او نه ڏيڻ جڏهن ته ان سان گڏ ئي معاشري جي ڪمزور ط??قي کي مٿي آڻڻ سندس اولين هدف آهي. هن چيو ته پشاور ۾ صنعتي ورڪرز لاءِ فليٽس جو منصوبو 2011ع کا?? ان لاءِ رڪيل هو ته اهو غريبن لاءِ بڻجي رهيو هو، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت جيتوڻيڪ غريبن جي ڀلائي ۽ ترقي کي اوليت ڏيندي آهي ان لاءِ ان منصوبي کي پڄاڻي تائين پهچايو ويو آ??ي، هن چيو ته سندس ڌيان ڪمزور ط??قي کي مٿي کڻڻ تي آهي ۽ هو ان حوالي سان ڪم کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ چاهي ٿو، وزيراعظم چيو ته اسان ايندڙ اليڪشن جو نه پر قوم جي مستقبل جي لاءِ سوچيو آ??ي، پنهنجي ڪمزور ط??قي جي ذميداري ورتي آهي، پنج سالن کا??پوءِ ڏسڻ چاهيان ٿو ته ڪمزور ط??قي کي اسان ڪيئن مٿي کنيو آ??ي، خيبرپختونخوا جي عوام پي ٽي آءِ کي ٻي مدت لاءِ ان لاءِ چونڊيو ته عالمي ادارن جي رپورٽ موجب خيبرپختونخوا واحد صوبو آ??ي جتي غربت ۾ تيزي سان گهٽتائي آئي آهي ۽ انساني ترقي تي ڪم ٿيو آ??ي، هن چيو ته اهي ڪرپٽ سياستدان جيڪي پڇندا هئا ته نئون پختونخوا ڪٿي آهي اهي ڏسي وٺن اسان جي ڪارنامن جي تصديق عالمي ادارا ڪري رهيا آهن.