اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا با??ر ملاقات ڪئي. وزيراعظم هائوس جي ميڊيا آفيس پاران جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ روشن ڊجيٽل اڪائو??ٽ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته سندس سعودي عرب جي دوري کانپوءِ اتي رهندڙ پاڪستانين جي روشن ڊجيٽل اڪائو??ٽ جي استعمال ۾ اضافي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، جنهن سان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن تي چڱي خاصو مثبت اثر پئجي رهيا آهن.