ملتان – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي سوا ارب مسلمانن کي نبي ﷺ جي شان ۾ اظهار جي آزادي جي ??الي تي ٿيندڙ گستاخي سان تڪليف پهچي ٿي، سمورن مسلمان ملڪن کي گڏائي اولهه کي اهو باور ڪرائينداسين ۽ پوءِ به اهي باز نه آيا ته انهن جو واپاري بائيڪاٽ ڪري سگهون ٿا، پوءِ ان جو اثر به ٿيندو، ڏکڻ پنجاب صوبي جي ??يام جي شروعات ٿي وئي آهي، ڏکڻ پنجاب صوبو ضرور ٺهندو ۽ ان جي ??اءِ آئيني ترميم آڻينداسين، پنجاب جا ماڻهو عثمان بوزدار جي 5 سالا ڪارڪردگي ک?? ياد رکندا. هو ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۽ مل??ان جي ??اءِ 30 ارب رپين جي خصوصي ترقياتي منصوبن جي ??يڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.