اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پيغمبر اسلام ﷺ جي توهين آميز خاڪن جي ??پائي جي رد عمل ۾ فرانس سان لاڳاپن ۽ سفير جي ملڪ بدري بابت قرارداد تي پارل??ام??نٽ جي سفارشن کانپوءِ ئي حڪومت ڪو حتمي فيصلو ڪندي، پاڪستان جو افغانستان جي استحڪام ۽ نئين سر تعمير ۾ اهم ڪردار هوندو. وائيس آف آمريڪا کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ صدر چيو ته پرڏيهي پاليسي جي فيصلو وفاقي حڪومت جو استحقاق آهي تنهن هوندي به پارل??ام??نٽ پنهنجون سفارشون سامهون آڻي سگهي ٿي، هن چيو ته هڪ جمهوري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان فرانس جي سفير کي ملڪ مان ڪڍڻ جي قرارداد پارل??ام??نٽ ۾ پيش ڪئي ته جئين عوام جي جذبن جي عڪاسي ٿي سگهي ۽ پارل??ام??نٽ ئي ??هو فورم آهي جتي عوام جي خواهشن جو صحيح اظهار ٿي سگهي ٿو. تنهن هوندي به ان جي بقول وزيراعظم عمران خان ??هو سمجهي ٿو ته سفير کي ڪڍڻ سان پاڪستان کي معاشي نقصان ٿيندو، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي مذهبي طبقي جي پرتشدد احتجاج ڪجهه يورپي ملڪن جي اسلام جي حوالي سان قدمن جو نتيجو آهي جنهن اهڙي وقت ۾ تهذيبن کي هڪٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو آهي جڏهن دنيا کي امن جي ضرورت آهي، عارف علوي چيو ته مون کي ڪو به حق نٿو پهي ته اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ اهڙي ڳالهه ڪريان جو ڪنهن کي تڪليف پهچائي. يورپ ۾ هولوڪاسٽ بابت ڳالهه ڪرڻ قانوني طور تي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته پيغمبر اسلام جي ??ستاخانه خاڪن جي ??پائي سان ماڻهن جا جذبا مجروح ٿيا، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته 18 هين آئيني ترميم تي وزيراعظم عمران خان جا اعتراض جائز آهن ته وسيلن جي اعتبار سان وفاق جو حصو وڌڻ گهرجي. هن چيو ته وفاق ان معاملي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ رکيو آهي، جنهن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي، جهڙي طرح آئين ۾ بهتري جي لاءِ آئين ۾ ترميم آڻي سگهجي ٿي اهڙي طرح ارڙهين ترميم ۾ بهتري جي لاءِ به ترميمون آڻي سگهجن ٿيون. صدر چيو ته 18 هين ترميم مجموعي طور تي هڪ مناسب آئيني ترميم هئي جنهن ۾ 58 ٽو بي جي تلوار هٽائي وئي ۽ قومي وسيلن تي صوبن کي ڪيترائي اختيار ڏنا ويا، صدر چيو ته آرٽيڪل 370 جي خاتمي کانپوءِ ڀارت سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.