اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? پاڪستان سٽيزن پورٽل تي ريليف جي حوالي سان عوام جي شڪايتن جي ازالي لاءِ وڏ?? فيصلو ??ندي 1 لک 55 هزار شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جولاءِ 2020ع کان ڊسمبر 2020ع تائين غيرمطمئن شهرين جي شڪايتن کي ٻيهر کوليو ويندو. پرائيم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) وزيراعظم جي هدايتن تي شڪايتن کي مرحليوار کوليو ويندو، شڪايتن تي نظرثاني جي لاءِ ٻيهر ک??لي ويندڙ شڪايتون اعليٰ آفيسرن کي تفويض، نظرثاني شڪايتن جي لاءِ لاڳاپيل شهرين سان رابطي ۽ مجاز آفيسر جي راءِ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. وزيراعظم آفيس موجب پهرين مرحلي ۾ ملڪيتن جي تڪرارن، امن امان ۽ انساني حقن ب??بت شڪايتن کي ٻيهر کوليو ويندو.