اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته ڪرپٽ سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳي ٿو، تبديلي جدوجهد سان اچي ٿي سوئچ دٻائڻ سان نه، پيپلزپارٽي ۽ (ن) لي?? ملڪي نه ذاتي مفادن جي لاءِ گڏ ٿيا آهن، مخالف ڌر چاهي ٿي ته فوج تي ايترو دٻاءُ وجهون جو اها چونڊيل حڪومت ڪيرائي ڇڏي، ڪرپٽ عنصرن کي اين آر او ڏيڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو، عوام چورن جي لاءِ ٻاهر ناهي نڪرندي، موجوده حڪومت معيشت ج?? استحڪام لاءِ اهم ۽ مشڪل فيصلا ڪيا آهن، ملڪي روانگي واپار ۽ تعميراتي شعبو ترقي ڪري ره??ا آهن، اقتصادي اشارا مثبت آهن، ٽيڪس نظام ۾ شفافيت ج?? لاءِ جديد ٽيڪنالاجي آڻينداسين، احساس پروگرام ۽ هيلٿ ڪارڊ حڪومت جا انقلابي قدم آهن، بيوروڪريسي جي ڍانچي ۾ سڌارا آڻي ره??ا آهيون، ماضي جي وفاقي حڪومتن بلوچستان جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي سان آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ مد?? ملندي، 2021ع جي آخر تائين پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي هر غريب خاندان وٽ هيلٿ ڪارڊ هوندو، فرقيواراڻي شدت پسندي ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري ره??و آهي، ڀارت ج??ستائين 5 آگسٽ 2019ع جا قدم واپس نه ٿو وٺي ان سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. سوشل ميڊيا سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهائيندي وزيراع??م عمران خان چيو ته جن معاشرن ۾ اخلاقيات تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو اهي ئي اڳتي وڌن ٿا، الله تعاليٰ اسان کي چڱائي برائي بابت واضح طور تي ٻڌائي ڇڏيو آهي، جڏهن اخلاقي طور تي قوم زوال جو شڪار ٿي وڃي ٿي ته پوءِ اها هر لحاظ سان زوال پذير ٿئي ٿي، ميڊ??ا جو ڪم ملڪ ۾ اخلاقي قدرن ۽ قانون جي حڪمراني جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ آهي، ميڊيا واچ ڊاگ جو ڪم ڪري ٿي.